پاڪستانسنڌ

اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم، پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ اليڪشن جي التويٰ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن جو 8 آڪٽوبر واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال قرآن جي آيت سان فيصلو ٻڌائڻ جي شروعات ڪئي، فيصلو ٻڌائيندي چيف جسٽس چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويو ويندو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو 22 مارچ جو فيصلو غير آئيني قرار ڏنو وڃي ٿو، ملڪ جي صدر جي ڏنل تاريخ جو فيصلو بحال ڪيو وڃي ٿو، آئين ۽ قانون چونڊ جي تاريخ ملتوي ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي، اليڪشن ڪميشن جي آرڊر سبب 13 ڏينهن ڏينهن ضايع ٿيا، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غير آئيني آهي. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي 8 آڪٽوبر کي تاريخ ڏئي ڪري اختيارين کي اورانگهيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيلون جمع ڪرائڻ جي آخري 10 تاريخ اپريل هوندي، 17 اپريل کي اليڪشن ٽربيونل اپيلن تي فيصلو ڪندو، پنجاب ۾ اميدوارن جي حتمي فهرست 18 اپريل تي شايع ڪئي ويندي، چونڊ نشان 20 اپريل تائين الاٽ ڪيا ويندا. سپريم ڪورٽ چيو ته پنجاب ۾ چونڊون شفاف، غيرجانبداراڻيون ۽ قانون مطابق ڪرايون وڃن، وفاقي حڪومت 10 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا فنڊ جاري ڪري، اليڪشن ڪميشن 11 اپريل تي سپريم ڪورٽ ۾ فنڊ مهيا ڪرڻ جي رپورٽ جمع ڪرائي. اليڪشن ڪميشن فنڊ جي رپورٽ بينچ ميمبرن کي چيمبر ۾ جمع ڪرائي، فنڊ نه ملڻ جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ جي لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون وينديون. فيصلي ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته پنجاب جي نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن کي سيڪيورٽي پلان ڏئي، پنجاب جي نگران ڪابينا ۽ چيف سيڪريٽري 10 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن کي چونڊ عملي لا رپورٽ ڏين، نگران حڪومت پنجاب ۾ چونڊن لا اليڪشن ڪميشن کي سموريون سهولتون ۽ وسيلا فراهم ڪري، وفاقي حڪومت چونڊن لا وسيلا ۽ مدد فراهم ڪري. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت چونڊن لا فوج، رينجرز، ايف سي ۽ ٻيا اهلڪار فراهم ڪري، وفاقي حڪومت 17 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن کي سيڪيورٽي پلان فراهم ڪري، وفاقي حڪومت نگران حڪومت پنجاب جي عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ڪيو ته اليڪشن ڪميشن عدالت کي آگاهه ڪندي. سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته عدالت پهرين مارچ تي ٽي ٻه جي حساب سان فيصلو ڏنو، سپريم ڪورٽ جو ڌيان ٻن اقليتي نوٽيسز تي ڏياريو ويو، ججن جي نوٽ ۾ 4 ٽي جي حساب وارو معاملو قانون خلاف آهي، جسٽس فائز عيسيٰ ۽ امين الدين خان جي فيصلي جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪي پي ڪي جي چونڊن لا گورنر طرفان عدالت جي نمائندگي ناهي ڪئي وئي، ڪي پي ڪي جي حد تائين معاملو ٻڌڻي هيٺ رهندو، ڪي پي ڪي ۾ اليڪشن جي تاريخ لا لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪيو وڃي، ڪي پي ڪي ۾ چونڊن لا درخواستگذار عدالت سان رجوع ڪري سگهي ٿو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي چونڊون ملتوي ڪرڻ واري ڪيس ۾ فيصلو 6 ٻڌڻين بعد گذريل ڏينهن محفوظ ڪيو هو. ڪيس جي پهرين 3 شنوايون 5 رڪني بينچ ڪيون، جسٽس امين الدين چوٿين ۽ جسٽس جمال مندوخيل پنجين شنوائي تي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي هئي، جنهن کانپو 31 مارچ ۽ 3 اپريل تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي مشتمل بينچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. آخري شنوائي ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته عدالت جو پيغام آهي ته هاڻي به وقت آهي، گڏجي ويهي معاملن کي سياسي حل ڪڍو، پاڪستاني قوم جي خاطر سياسي ڊائيلاگ ڪريو ۽ ڪنهن سياسي نتيجي ۾ پهچو، سياسي ڊائيلاگ نٿا ٿين ته آئيني مشينري موجود آهي، الزام لڳايا پيا وڃن، ڇو ته هر ڪو صرف سياسي مفادن کي پورو ڪرڻ چاهي ٿو، ائين نه هجي جو ٻيو ڪوبه غير ضروري معاملو شروع ٿي وڃي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اسان کي صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻو آهي، پارليامينٽ ۽ حڪومت جو احترام آهي، چونڊون گڏ ٿيڻ جو آئيڊيا زبردست آهي، انهي ڪيس ۾ 2 اسيمبليون ٽٽي چڪيون آهن، وفاقي حڪومت طرفان خاطري ڪرائڻي پوندي، ملڪ ۾ ڪو سياسي ڊائيلاگ نه پيو ٿئي، سمورو وزن وفاقي حڪومت تي آهي، وزارت دفاع ۽ خزاني واري وزارت جي پيش ڪيل سببن کي ڏٺو ويندو. اٽارني جنرل چيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ ڪافي رقم خرچ ٿي چڪي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان کي ان حوالي سان وضاحت ڏيڻي پوندي، جڏهن ته عوام کي مشڪل ۾ نٿا وجهڻ چاهيون، اليڪشن ۾ بدمزگي ٿي ته سڄو ملبو عدالت تي ايندو، سياسي ڳالهين جو آپشن انهي لا ڏنو ويو هو. آئين واضح آهي ته اليڪشن ڪڏهن ٿيندي، ڳالهين جي آپشن جو ڪوبه جواب ناهي آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button