پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ پوليس ۽ مبينا چور خلاف رهواسين جو مظاهرو

جهڏو: جهڏو ۾ پتافي برادري جي ماڻھن ارباب عنايت الله جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي فرزند تحريڪ انصاف اڳواڻ ارباب عنايت الله جي اڳواڻي ۾ پتافي برادري جي ماڻهن پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي علي نواز پتافي چيو ته پهرين رمضان واري رات غلام مصطفى پتافي نالي شخص اسان جي گهر داخل ٿيو ۽ موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿيڻ لڳو، اسان مزاحمت ڪئي ته موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويو، اسان رات جو 3 وڳي جهڏو ٿاڻي پهچي فرياد داخل ڪرائي، پر پوليس ڪاروائي نٿي ڪري، هاڻ پوليس منهنجي پٽن عبدالستار پتافي، گلزار پتافي، جبار پتافي، محمد يوسف پتافي ۽ مون خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، جيڪو ظلم آهي. ارباب عنايت الله چيو ته جهڏو پوليس ميرن پيرن جي ڪمدار بڻيل آھي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪوڙو ڪيس ختم ڪري چور خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button