پاڪستانسنڌ

اسلام ڪُوٽ ۾ رهواسين جو ڪمپني انتظاميا خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول بلاڪ ٽو جي ڳوٽ نيو سنهري درس جي متاثر رهواسين منظور درس، عبدالسلام درس، سجاد درس، چاندو ڀيل، سونو ڪولهي ۽ ٻين ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب آڏو اينگرو ڪمپني ۽ سنڌ حڪومت جي ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، هنن احتجاج ڪندي چيو ته اسان ڪوئلي خاطر پنهنجون زمينون ڏئي قرباني ڏني، عيوض ۾ اڄ دربدر آهيون، ڪمپني هڪ به واعدو ناهي پاڙيو، سنڌ حڪومت جيڪي اعلان ڪيا، اُنهن تي عمل ناهي ٿيو، اسان روزگار لاءِ دربدر آهيون، ڪنهن به مقامي ماڻهو کي روزگار نه ٿو ڏنو وڃي، اسان کان گئوچر، گهر، تڙ ۽ مڪان کسي دربدر ڪيو ويو آهي، اسان 8 اپريل تي ڪمپني جي گيٽ آڏو ڌرڻو هڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button