سنڌ

ٺاروشاهه ويجهو ڊي ايس پي تي 2 نوجوان مارڻ جو ڪيس داخل

عدالتي حڪم تي ڪجھه ڏينھن مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريل ٻن نوجوانن اطھر ۽ محب سولنگي جو قتل ڪيس ڊي ايس پي حميد پنھور خلاف ابڙان ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي. ڪيس ۾ ڊي ايس پي سميت 5 اھلڪار نامزد ڪيا ويا آهن. انھن اھلڪارن ۾ عبدالله ابڙو، اڪبر جتوئي، ولي محمد ۽ محمد خان ڪورائي شامل آھن. ڪيس مقتول محب سولنگي جي والد حاڪم سولنگي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته ڊي ايس پي حميد پنھور نوجوانن کي بيگناھه قتل ڪيو آھي. ھن چيو ته سندس پٽ محب ۽ اطھر پنھنجي مائٽن ۾ ھلندڙ شادي ڪاڄ لاءِ موٽر سائيڪل تي کير کڻي وڃي رھيا ھئا ته ڳوٺ مٺو مري ڀرسان نوجوانن کي ڊي ايس پي روڪيو ۽ نوجوانن جي سڃاڻپ بعد اطھر ۽ محب سولنگي کي ويجھي کان گوليون ھڻي ماري ڇڏيو. ڄاڻايل ڪيس سيشن اينڊ ڊسٽرڪٽ جج نوشهروفيروز پاران ڪرايل جاچ بعد داخل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button