سنڌ

ميرپورخاص جي ڳوٺاڻن جو نينگري جي بازيابي لا حيدرآباد ۾ ڌرڻو

ميرپورخاص جي ڳوٺ محمد حسن مري جي رهواسين 9 سالن جي نياڻي فوزيه ڌي نظر محمد خاصخيلي جي بازيابي لاءِ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي محمد حسين خاصخيلي، محمد شريف، عاشق علي، وحيد علي خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته عيدالاضحيٰ جي ڏهاڙي تي اسان جي 9 سالن جي نياڻي فوزيه خاصخيلي گهر کان قرباني جو گوشت وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتي ته گم ٿي وئي، جنهن بابت حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته شڪ آهي ته نينگري کي اغوا ڪيو ويو آهي، 4 مهينن کان معصوم نينگري جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button