سنڌ

پڊعيدن ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج، باهيون

نيو سانگي مائينر جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف جلالجي لنڪ روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج سبب پڊعيدن جلالڪي روڊ بلاڪ ٿي ويو. نيو سانگي مائينر (ٽيل شاخ) جي آبادگارن اختر راڄپر، ظفر راڄپر، عابد راڄپر ، جاويد راڄپر، الهه بچايو هنڱورو، اصغر جويو، اختر ڀريجو، مينهون خان سيال ۽ ٻين چيو ته گذريل ٽن مهينن کان نيو سانگي مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ناهي ڏنو ويو، جنهن ڪري ڪڻڪ جو فصل ۽ ڀاڄيون پوکي نه سگهيا آھيون، هنن چيو ته آبپاشي عملدار رشوت عيوض منڍ جي بااثرن کي پاڻي وڪرو ڪري پُڇڙي وارن آبادگارن جو معاشي قتل پيا ڪن. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏئي بڇڙي جي آبادگارن کي معاشي قتل کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ ريلوي ٽريڪ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button