سنڌ

ٽنڊو ڄام ۾ 2 ٻار گندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پيا،هڪ فوت

ٽنڊوڄام ۾ ڪنڀار پاڙي ڀرسان ٽنڊوڄام جي گندي پاڻي جي کڏ وٽ راند ڪندي ٻه ٻار ڪري پيا، دانهن تي شهرين گڏ تي کڏ اندر لهي وڏي ڪوششن کانپو بيهوشي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي ورتو، ٻنهي ٻارن کي رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن هڪ نينگر کي بچائي ورتو، جڏهن ته ٻيو نينگر 12 سالن جو علي راجپوت پُٽ شاهد راجپوت فوت ٿي ويو، فوت هجڻ جي تصديق بعد وارثن جون اسپتال اندر ڪيهون پئجي ويون, جڏھن ته ٽنڊوڄام پوليس اسپتال پهچي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏھن ته نينگر جو لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو ۽ سندس ما کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button