سنڌ

سن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

سن ويجهو آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هنيو. شاهه اويس پمپنگ اسٽيشن جي آبادگارن سيوهڻ -ڄامشورو روڊ تي رڪاوٽون وجهي روڊ ٻنهي طرفن کان بند ڪري ڇڏيو. مظاهري جي اڳواڻي عمر ابڙو، امين کوسو، نواز ڪنڀر ۽ مھدي کوسو ڪري رهيا هئا. ڌرڻي ۾ يڪجهتي طور جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نيازڪالاڻي، راھداري تحريڪ جو اڳواڻ پنهل ساريو، ايس يو پي ضلعي ڄامشوري جي اڳواڻ درياهه خان لغاري سميت مختلف مڪتب وفڪر جي ماڻهن، سياسي سماجي ڌرين، شهرين ۽ هارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آبادگارن چيو ته آبپاشي کاتي سب ڊويزن سن جو ايس ڊي او، شهباز ڊويزن سيوهڻ جو ايڪسيئين مهيش ڪمار بااثرن جي چرچ تي پڇڙي جي آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان منڍ جا بااثر آبادگار پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهن، زرعي پاڻي پڇڙي تائين نه پهچڻ سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر ٿي وئي آهي، جنهن مان واري اڏامي رهي آهي. آبادگارن مطالبو ڪيو ته زرعي پاڻي فراهم ڪري پاڻي چوري ڪندڙ بااثر آبادگار توڙي آبپاشي عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button