سنڌ

ڪرپٽ ماڻھن حڪمراني کي ڦرلٽ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي:اياز پليجو

زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ نامور محقق ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو جي سالگرهه جي شاندار پروقار تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سول سوسائٽي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن نامور پرڏيهي فنڪاره چنديراماڻي، سافڪو سربراهه سليمان ابڙو، ھينڊز حيدرآباد جي رزاق عمراڻي، شاعر جاويد سوز هالائي، سيپ حيدرآباد جي ھيڊ شھناز شيدي، ڊاڪٽر فوزيه، ڪاشف صديقي، درشن سچديو، ايڊووڪيٽ دلبر لغاري، خالد ٻٻر، ايڊووڪيٽ مظھر ميمڻ، آزاد ميرواھي، اعجاز احمد شيخ، شوڪت سريوال، مقصود جھتيال، واسو مل کتري ۽ ٻين اھم شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪڏھن پاڪستان ۾ ترقي پسند، روشن خيال سياست ۽ شخصيتن جي رستا روڪ نه ڪئي وڃي ھا، انھن کي ڪمزور نه ڪيو وڃي ھا، اسان وٽ ڪرپٽ ماڻھن حڪمراني کي ڦرلٽ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button