سنڌ

“نوڪريون ڏيو” نوابشاهه ۾ معذورن جو گاهه کائي انوکو احتجاج

نوابشاهه جي معذورن نوڪريون نه ملڻ خلاف وات ۾ سائو گاھه وجھي 17ھين ڏينهن به پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو، ان موقعي تي عبدالڪريم چانڊيو، مدد علي بروهي، نور علي بروھي، دلمراد مري، نويد راجپوت، انور بروهي ۽ ٻين چيو ته افسوس جو 17 ڏينهن کان مسلسل پنھنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ باوجود ضلعي انتظاميا جو ڪوبه نمائندو لڙي نه آيو آھي، جيڪا ڏک جھڙي ڳالهه آھي. ھنن چيو ته اسان پڙھيل لکيل غريب معذور گذريل پنجن سالن کان نوابشاهه جي مختلف سرڪاري ادارن ۾ معذور ڪوٽا تي نوڪري لاءِ درخواستون ڏئي ڏئي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به مدد لاءِ تيار ناھي. ھنن چيو ته خدارا اسان کي نوڪريون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button