سنڌ

قاسم آباد ۾ انتظاميه قبضا هٽائڻ بدران وڻ وڍائي ڇڏيا

قاسم آباد ۾ ضلعي انتظاميه ۽ صوبائي ها ويز ڊويزن علي پيلس کان علمدار چوڪ تائين روڊ ڪشادو ڪرڻ لا بيوٽيفيڪشن پلان تحت جوڙيل گرين بيلٽ ۽ پوکيل وڻ وڍي خوبصورتي ختم ڪري ڇڏي آهي. روڊن ڀرسان اڳ ۾ موجود حددخليون ۽ بجلي جا ٿنڀا هٽائڻ بدران ڄاڻي واڻي وڻ ۽ پارڪ ختم ڪيا ويا آهن. خبر موجب حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ ڊي سي حيدرآباد، ضلعي انتظاميه، صوبائي ها ويز ڊويزن طرفان پهرين فيز ۾ علي پيلس قاسم آباد کان علمدار چوڪ تائين موجود روڊ کان وڏو ڪشادو ڪرڻ لا اپريل مهيني ۾ پوڻا 7 ڪروڙ روپين جي ٽينڊر جاري ڪيو ويو هو، جنهن کانپو ها ويز کاتي طرفان روڊ جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو. ذريعن موجب انتظاميه ۽ ها ويز کاتو روڊن جي ڀرسان قائم ٿيندڙ هائوسنگ اسڪيمن ۽ من پسند ٺيڪيدارن کي خوش رکڻ لا گرين بيلٽ ختم ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button