سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن اتفاق راءِ ٿي ويو ته سنڌ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏينداسين. ايڪسپريس نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڳالهين ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ تي اتفاق ٿيو ته پوءِ سنڌ اسيمبلي 100 سيڪڙو ٽوڙڻ لاءِ تيار آهيون، اها ڳالهه اسان رڳو اڄ نه پيا چئون ماضي ۾ به چئي چڪا آهيون. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي مقبوليت بابت چيو ويندو آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ وارا ڪيڏانهن ويا؟ اسان کي ڪو ڊپ ناهي، جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙيون ويون ته ٻيهر چونڊون کٽي واپس اينداسين. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي ذاتي انا هئي ته اسيمبليون ٽوڙجن، ڌانڌلي جا الزام لڳايا ويا پر اسان ته ملير ۾ چونڊون کٽيون ۽ پوءِ وري ملتان ۾ به سوڀارا ٿياسين، اسان چاهيون ٿا ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن، ڏسڻو اهو آهي ته ملڪ کي هن سياسي صورتحال تائين پهچائڻ جو ذميوار ڪير آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close