سنڌ

پ پ 13 سالن ۾ لاڙڪاڻي کي ننڌڻڪو بڻائي ڇڏيو:معظم عباسي

لاڙڪاڻي مان چونڊيل ايم پي اي معظم علي عباسي تڪ جي سمورن علائقن ۾ کليل ڪچهرين جو اعلان ڪري مختلف علائقن جو دورو ڪيو. ايم پي اي معظم علي عباسي لاڙڪاڻو عوامي اتحاد آفيسن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ساڻس نظام عباسي، سرتاج عباسي، محمد بخش ميتلو ۽ ٻيا گڏ هئا. ايم پي اي معظم عباسي يوسي 12 شاهه بھارو پھچي گل حسن کوسو سان سندس پٽ، سرور ڪالوني ۾ حافظ شھزادو سان سندس گھرواري ۽ ميراڻي محلي ۾ راحب علي ميراڻي سان والد جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي معظم علي عباسي ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 13 سالن ۾ لاڙڪاڻي کي ننڌڻڪو ڇڏي ڏنو، ترقياتي ڪمن جي نالي تي اربين روپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا پر لاڙڪاڻي واسي اڄ به بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻي واسين ضمني چونڊن توڙي عام چونڊن ۾ مونکي سوڀارو ڪيو جيڪي اڄ به اسان سان گڏ آهن. هن چيو ته اسان لاڙڪاڻي جي هر يوسي ۾ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي آفيس کولي کليل ڪچهريون ڪنداسين

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button