سنڌ

کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي،ڪمند جو اگهه 300 روپيا ڪرڻ جو مطالبو

هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته مهانگائي مزدورن ۽ هارين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، کاڌي پيتي جي شين تي تي سبسڊي ڏئي مسڪين ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. سنڌ ڪمند جو اگهه في مڻ 300 کان مٿي ۽ سارين جو في مڻ 2500 روپيا مقرر ڪيو وڃي. سنڌ ۾ هلندڙ وڏيرا شاهي ۽ پوليس گردي کي فوري طور تي ٻنجو ڏئي شهيد ناظم جوکيو جي قتل ۾ ملوث ايم پي اي ۽ ايم اين اي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسيمبلي ميمبرشپ معطل ڪري نااهل ڪيو وڃي. اهڙو مطالبو سنڌ هاري ڪميٽي طرفان پورهيت جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ جاکوڙي اڳواڻ ڪامريڊ اظهر جتوئي جي پهرين ورسي تقريب کي خطاب دوران ڪيو ويو. تقريب جي صدارت سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ڪئي. تقريب ۾ پروفيسر امداد چانڊيو، تاج مري، سارنگ ڄام ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button