سنڌ

”چوري ٿيل موبائيل واپس ڏياريو“ لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي لهر ڪالوني جي رهواسي نوجوان پنهنجي دوست سان گڏجي چوري ٿيل موبائيل فون واپس نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان عديل آفتاب ابڙو دوست ظهير بروهي سان گڏجي دانهيندي چيو ته شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد لاهوري پاڙي مان 14 آڪٽوبر تي نامعلوم شاهينگ کيسي مان موبائيل فون ڪڍي ويا، واقعي جي اين سي حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ سميت ايس ايس پي آفيس ۾ درخواست ڏني پر تنهن باوجود پوليس چوري ٿيل موبائيل فون واپس ناهي ڪرائي. هن چيو ته ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهيو آهيان پر پوليس سکڻا آسرا ڏئي رهي آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل موبائيل فون واپس ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button