سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جو نوجوان پٽ سميت احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي جي شاهه بهارو ڪالوني واسي پيرسن نوجوان پٽ سان گڏجي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال عملي جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پيرسن غلام محمد شيخ پٽ وتين شيخ سان گڏجي دانهيندي چيو ته 5 نومبر تي دل ۾ تڪليف ٿيڻ تي لاڙڪاڻي جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ علاج لاءِ ويس پر علاج بدران ڪيترائي ڪلاڪ ڊاڪٽرن ويهاري ڇڏيو، جنهن ڪري گهر واپس ويس پر تڪليف وڌڻ سبب ٻيهر 6 نومبر تي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ٻه ڏينهن علاج ڪيو ويو، جنهن دوران منهنجي لاءِ ايندڙ سرڪاري دوائون عملو چوري ڪري ويندو هو، جنهن ڪري مهانگيون دوائون مان پئسن تان ٻاهران اسٽور تان گهرائيندو هيس، اهڙي شڪايت اين آءِ سي وي ڊي جي سٽيزن پورٽل فلور تي ڪئي پر ڪو تدارڪ نه ٿيو. وس وارن کي اپيل ڪئي ته اين آءِ سي وي ڊي عملي خلاف ڪارروائي ڪري علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي مفت علاج سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button