سنڌ

ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو نصيرآباد ۾ احتجاج

ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نصيرآباد واسي نوجوان جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. نصيرآباد واسي پورهيت نوجوان زوھيب ڳنواس کي ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي مان کنڀي گم ڪرڻ خلاف نوجوان جي وارثن ڪاٺيا محلي کان پلي ڪارڊ، بينر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شھر جي مختلف علائقن مان ٿيندي آرٿر برانچ جِي موري تي پهتي، جتي ريلي ۾ شريڪ عورتن، ٻارڙن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن نوجوان جِي بازيابي لاءِ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ظهور احمد ڳنواس، عبدالرحيم ڪاٺيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو، ته 10 ڏينهن اڳ ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي مان اسان جي پورهيت نوجوان زوھيب ڳنواس کي کنڀي گم ڪرڻ تي اسان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي، اسان چيف جسٽس کان مطالبو ٿا ڪريون، ته اسان جي نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button