سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سجاول جوڻيجو واسين جو بااثر وڏيري خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي وڪيل قادر ڀٽي تعلقي سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ ٻٻر خان ڀٽي واسي ڀٽي برادري جي ماڻهن سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي شهدادڪوٽ جو اڳواڻ ۽ بااثر وڏيرو وحيد ڀٽي پنهنجي ڀاءُ حميد ڀٽي ۽ بروهي برادري جي بااثرن سان گڏجي اسان جي ماڻهن کي ڳوٺ مان لڏائڻ جي ڪوشش ڪري 150 ايڪڙ زمين ڀڳڙن مٺ خريد ڪرڻ چاهي ٿو، انڪار تي هن 16 نومبر تي ڊي ايس پي ميروخان علي نواز ڍڪڻ ۽ اهلڪارن جي موجودگي ۾ پنهنجي ڪمدار ۽ هارين جي مدد سان ڏنڊن ۽ سِروٽن سان حملو ڪري نصير محمد، صدام حسين، وزير علي، نظير حسين، تاج محمد ڀٽي، غلام نبي، گدا حسين، عورتن فرزانه، ذليخان، رياستي سميت 11 ڄڻن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال ۾ داخل آهن. هن چيو ته اسان واقعي جو ڪيس سجاول ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر پوليس بااثر وڏيري جي ونگار وهندي انهن سان ٻٽ بڻيل آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button