سنڌ

شڪارپور جي آبادگارن جون ڀاڻ جي کوٽ بابت ڊي سي آڏو دانهون

شڪارپور ۾ آبادگارن جي ڀاڻ جي نه هجڻ واري دانهن تي ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف نبي کهڙو آبادگارن، فرٽيلائيزر ڊيلرن ۽ زرعي آفيسرن جو اجلاس طلب ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف نبي کهڙو اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ زرعي کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڏيندي چيو ته تعلقي ليول تي ڪميٽي ٺاهي فرٽيلائيزر، ويئر هائوسز ۽ ڊيلرن جي دڪانن تي اسٽاڪ چيڪ ڪيو وڃي ۽ انهن جي جاچ ڪئي وڃي ته هو دوائون، ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ ۽ ٻج ڪيتري قيمتن تي ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته غير قانوني ۽ اڻ رجسٽرڊ ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندن اسٽاڪ ۾ موجود سمورو ڀاڻ ضبط ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته زراعت کاتو اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، جيڪڏهن فرٽيلائيزر جي کوٽ ٿي ته اختيارين کي رپورٽ موڪلي وڃي ها. هن چيو ته زراعت کاتي کي زرعي قانونن جي ڄاڻ به ناهي نه ئي ضلعي ۾ موجود رجسٽرڊ ڊيلرن ۽ ويئر هائوس جي ڄاڻ آهي. اجلاس ۾ آبادگار اڳواڻ ارسلا خان سيلرو، شڪيل خان ڊکڻ، حمادالله ڄامڙو، انور خان چاچڙ، ميجر الهوسايو مهر ۽ ٻين چيو ته ضلعي اندر ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪري ڊي اي پي 8 هزار واري ٻوري 8 هزار 8 سئو ۾ ۽ يوريا 1700 سئو واري ٻوري 2400 سئو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن سرڪار ڪمپنيءَ جي ريٽ تي ڀاڻ فراهم نٿي ڪرائي سگهي ته مهانگو وڪرو ٿيندڙ ڀاڻ بند ڪرايو وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button