سنڌ

آزاد صحافت جمهوري معاشرن جو اهم ٿنڀ آهي:شرجيل ميمڻ

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن دراصل سچ لکڻ وارن بهادر صحافين کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. پريس فريڊم جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي خصوصي پيغام ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير چيو آهي ته آزاد صحافت جمهوري معاشرن جو اهم ستون آهي، جتي سچ کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي، اتي ترقي نه ٿي سگهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آزاد صحافت کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي، جنهن صحافت جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ صحافين گڏجي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِجنگ وڙهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه صحافين ۽ صحافتي تنظيمن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن. شهيد بينظير ڀٽو کان وٺي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تائين صحافين جي ڀلائي اسان جي پارٽي جي منشور جو اولين نقطو رهيو آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پريس جي آزادي بابت قدمن لاءِ خاص هدايتون ڏنيون آهن. سنڌ حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پريڪٽشنر بل منظور ڪرايو، جنهن تحت صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميشن جوڙي وئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جلد جرنلسٽ پروٽيڪشن ڪميشن جو مستقل سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ واري آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن تحت هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو اعلان جلد ڪيو ويندو، هن چيو ته پاڪستان هن وقت ڪوڙ ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا جو شڪار آهي. اڄ ملڪ ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ هلي رهي آهي. صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اچو ته سڀ گڏجي اهو عهد ڪريون ته ملڪ ۾ ڪوڙ جو مقابلو ڪنداسين ۽ عوام کي اصل حقيقتن کان آگاهه ڪري پنهنجي نوجوان نسل کي محفوظ بڻايون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button