پاڪستانسنڌ

ڀتي ۽ اغوا ڪيس ۾ ڀرچونڊي پير عبدالغني کي 10 سال قيد جي سزا

ڏهرڪي: ڏهرڪي جي ڀرچونڊي پير ميان عبدالغني کي ڀتي ۽ اغوا جي ڪوشش جي ڪيس ۾ ميرپورماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 10 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. مليل ڄاڻ موجب هڪ سال اڳ الفتاح ماڊل ٽائون جي ايم ڊي پيران ڏنو عرف پير بخش ڀٽي ڏھرڪي ٿاڻي تي جوابدار ميان عبدالغني مٿان ڀتي ۽ اغوا جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪرايو هو. ميرپورماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار ميان عبدالغني کي 10 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ٻڌايو، جنهن بعد پوليس ميان عبدالغني کي هٿڪڙيون هڻي سينٽرل جيل گهوٽڪي منتقل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button