اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت ويندو

اسلام آباد: پاڪستاني صحافين جو وفد ڀارتي رياست گووا ۾ ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي ڪوريج لاءِ ڀارت پهچي ويو. جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت ويندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جو ٻن ڏينهن جو اجلاس سڀاڻي کان گووا ۾ ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ پاڪستان، چين ۽ روس جو پرڏيهي وزير به شرڪت ڪندو. 2011 کانپوءِ ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير جو اهو پهريون ڀارتي دورو آهي، پاڪستاني پرڏيهي وزير جي دوري جي موقعي تي ٻه طرفي ڳالهين جو ڪنهن ڌر طرفان ڪو اشارو ناهي مليو. ميڊيا رپورٽن موجب اجلاس ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم سان لاڳاپيل دستاويزن ۽ فيصلن جي مسودن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، اجلاس ۾ عالمي ۽ علائقائي ايجنڊا جي اهم مسئلن تي به ڳالهه ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button