اسلام آبادپاڪستان

عمران کي اڄ تائين ها ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي مهلت

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي اڄ تائين پيش ٿيڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه جڊيشل ڪمپليڪس جي توهين، قتل جي ڪوشش ۽ توهين عدالت ڪيس جي شنوائي ٿي. عدالت عمران خان جي ڪالهه حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن عمران خان اڄ پيش نه ٿيو ته ضمانت واريون درخواستون خارج ڪيون وينديون. عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر عدالت کي يقين ڏياريو ته عمران کي اڄ ايمبولينس ۾ اچڻو پيو ته ضرور ايندو. چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب 9 ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي شنوائي ڪئي. عمران خان جا وڪيل سلمان صفدر ۽ فيصل چوڌري جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد بئريسٽر جهانگير جدون عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻئي طرف چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ موجب چيئرمين عمران خان صبح 8 وڳي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ لاهور زمان پارڪ مان روانو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button