اسلام آبادپاڪستان

چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ سميت آدمشماري بابت خدشا ختم ڪيا وڃن:اي پي سي

اسلام آباد :اي اين پي پاران اسلام آباد ۾ ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ڪانفرنس کانپوءِ گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن به چونڊون ڪرايون وڃن، اهي هڪ ئي ڏينهن تي ڪرايون وڃن، ان سان ئي چونڊن جي شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن جي تاريخ تي تڪرار حل ڪرڻ لاءِ سمورن آئيني، قانوني ۽ سياسي پهلوئن کي نظر ۾ رکڻو پوندو. سموريون سياسي پارٽيون گڏيل ڳالهين ذريعي چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ڪن ته جيئن سڄي ملڪ ۾ شفاف آدمشماري ڪرائي سگهجي. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته سياسي پارٽيون ۽ پارليامينٽ سياسي فيصلن جي جاءِ آهن، جيڪڏهن سياسي فيصلا عدالتن ڏانهن هليا ويا ته عدالتي بحران پيدا ٿي ويندو. اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته موجوده سياسي، عدالتي ۽ معاشي بحران غير يقيني صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن سياست ختم ٿي ته آئيني ۽ پارلياماني بالادستي کي خطرو ٿيندو. پارلياماني بالادستي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. پڌرائي موجب سڄي ملڪ ۾ ٿيل تازي آدمشماري بابت خدشن کي دور ڪيو وڃي، خاص ڪري پختونخواهه جي نون ضلعن، ڪوئيٽا ۽ بلوچستان جي پشتون علائقن ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهري علائقن ۾ نئين سر تڪبندين کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان علاوه پڌرنامي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته نئون اقتصادي چارٽر ٺاهيو وڃي، صوبائي خودمختياري خلاف ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ارڙهين آئيني ترميم کي ان جي اصل روح موجب لاڳو ڪيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو ته پختونخوا ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ دهشتگردي جي نئين لهر انتهائي خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمرانن جي غلط فيصلن ۽ پاليسين سبب دهشتگردي شروع ٿي ۽ 2014ع ۾ متفقه نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو ويو. پڌرنامي موجب بدقسمتي سان ان تي عمل نه ڪيو ويو، غير آئيني ڳالهين، دهشتگردن جي آبادڪاري، انهن جي فنڊنگ ۽ جيلن مان آزاد ٿيڻ دهشتگردي جي نئين لهر کي جنم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button