اسلام آبادپاڪستان

عمران ۽ ثاقب نثار خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل

اسلام آباد :مسلم ليگ (ن) اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف ڪرپشن، بدعنواني ۽ پنجاب اسيمبلي جي اميدوارن کان ٽڪيٽن جي بدلي ۾ رشوت وٺڻ جي الزامن تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ريفرنس پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ملڪ محمد احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۽ آئين جي آرٽيڪل 218-3 تحت داخل ڪيو آهي. ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي آڊيو ليڪ جو متن ۽ پي ٽي آءِ ٽڪيٽ هولڊرز جي لسٽ سميت ٻيا دستاويز ۽ رڪارڊ به حوالي ڪيا ويا. ان کانسواءِ ريفرنس ۾ عمران خان، ثاقب نثار، نجم ثاقب، ابوذر چوڌري، ميان عزير، اعجاز احمد چوڌري، اسد عمر کي ڌر بڻايو ويو آهي. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته هي شڪايت مالي ۽ اخلاقي ڪرپشن جي ڪري داخل ڪرائي رهيا آهيون، پنجاب اسيمبلي جي پارٽي چونڊن جي ٽڪيٽن جي خريد و فروخت جو سلسلو جاري آهي، هڪ سياسي پارٽي سالميت، اخلاقيات ۽ جمهوريت جي ڀڃڪڙي ڪئي. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته آڊيوز مان معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل ماڻهو ان ڏوهه ۾ سڌو سنئون ملوث آهن، گذريل هفتي عمران خان پاڻ پارٽي ٽڪيٽ ڏني هئي، ان آڊيو ۽ 26 اپريل تي عمران خان جوابدار ابوذر کي پارٽي اليڪشن ٽڪيٽ ڏني هئي، جنهن جو ثبوت آهي، حقيقت ثابت ٿي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button