سنڌ

لاڙڪاڻي ڀرسان پورهيت نوجوان دوکي سان سڏائي تشدد ۽ فائرنگ ڪري قتل

لاڙڪاڻي ڀرسان نوجوان کي تشدد ڪري گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، وارثن پنهنجي مائٽن تي الزام لڳائي ڇڏيو. رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسيب چانڊيو ۾ 25 ورهين جي پورهيت عاشق علي پٽ محمد نواز ٽڳڙ کي هٿياربند گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. اطلاع تي حد جي رشيد وڳڻ ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد چانڊڪا اسپتال آندو. ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ پوليس اهلڪار ظہور احمد ٽڳڙ الزام لڳايو ته اسان جي ذات ڀائي سديب، سندس چاچو صدام ۽ اشفاق علي ٽڳڙ منهنجي ڀاءُ عاشق علي کي رات جي وقت دير سان کنڊ ۽ پتي وٺي اچڻ لاءِ گڏ وٺي ويا هئا، جنهن بعد دير سان هنن عاشق کي تشدد ڪري گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو آهي. هن چيو ته اسان جي ڀا کي اڳ به ساڳين جوابدارن بيگناهه زهر ڏنو هو ۽ هاڻي قتل ڪرڻ ظلم ۽ ڏاڍ آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان اپيل ڪئي ته ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ڀاءُ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button