اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع،تحريڪ انصاف طرفان 14 مئي تي چونڊن لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب ۾ 14 مئي تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ باضابطا طور سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف جي مذاڪراتي ٽيم سپريم ڪورٽ ۾ باضابطا درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ کي پنجاب ۾ چونڊن بابت 4 اپريل جي حڪم تي عملدرآمد جي درخواست ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ 19 اپريل تي پنهنجي حڪم نامي ۾ آئين کان انحرافي کي روڪڻ لاءِ سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهين ذريعي چونڊون ڪرائڻ لاءِ پراسيس پلان تيار ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جنهن جي روشني ۾ فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن تحت چونڊون 14 مئي تي ٿيڻ ضروري آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف عدالت ۾ ڏنل خاطري جي روشني ۾ خصوصي ڳالهين واري ڪميٽي قائم ڪئي، ڪميٽي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي، مرڪزي سينيئر نائب صدر چوڌري فواد حسين ۽ سينيٽر علي ظفر تي مشتمل هئي. جمعيت علماءِ اسلام (ف) کان علاوه پيپلز پارٽي، ن ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ به پنهنجا نمائندا نامزد ڪيا. پي ڊي ايم ڪميٽي ۾ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، سينيٽر يوسف رضا گيلاني، ريلوي وارو وزير خواجه سعد رفيق، واپار وارو وزير نويد قمر ۽ ٻيا شامل هئا. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف شروعات ۾ سمجهندي هئي ته 90 ڏينهن اندر اسيمبلي چونڊون ڪرايون وڃن. معزز عدالت پنجاب جي چونڊن لاءِ 14 مئي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي، ان تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ آئيني گهرج آهي جنهن کي پارٽين جي راءِ سان تبديل نٿو ڪري سگهجي. تحريڪ انصاف هڪ ڏينهن جي چونڊن لاءِ تيار آهي بشرطيڪه قومي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليون 14 مئي تي يا ان کان اڳ ٽوڙيون وڃن ۽ قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 60 ڏينهن اندر ڪرايون وڃن. يعني جولاءِ جي ٻئي هفتي اندر چونڊون ڪرايون وڃن. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته 90 ڏينهن جي مدي کانپوءِ پنجاب ۽ پختونخواهه جي چونڊن کي آئيني تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جي معاملي تي تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهين بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. پي ٽي آءِ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل ڌار درخواست ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته حڪومت سان ڳالهين جا ٽي دور ٿيا، ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ هر ممڪن حد تائين لچڪ ڏيکاري. درخواست ۾ گذريل رات ٿيندڙ ڳالهين ۾ اڳڀرائي جا تفصيل به شامل ڪيا ويا. واضح رهي ته تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي اتحاد ۾ ڳالهين جو ٽيون دور به بريڪ ٿرو بنا ئي ختم ٿي ويو هو. ڳالهين ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿيڻ گهرجن پر هڪ ئي وقت چونڊن جي تاريخ ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ تي اتفاق نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button