اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن جي 14 مئي تي چونڊن بابت نظرثاني درخواست داخل

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخن تي نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ کي تاريخ واپس وٺڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ چونڊن جي ڪيس ۾ 14 مئي تي چونڊن جي عدالتي فيصلي تي نظرثاني لاءِ درخواست ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن 4 اپريل جي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار عدليا کي ناهي، آئين ٺاهيندڙن عدليا کي اهو حق ناهي ڏنو ته اهي چونڊن لاءِ تاريخ ڏئي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته آئين ادارن جي اختيار کي بلڪل واضح ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ چونڊن جي تاريخ ڏئي طئي ٿيل قانون کي تبديل ڪيو، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ غلطي درست ڪري. اليڪشن ڪميشن درخواست ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ناهي، عدالت تاريخ ڏئي پنهنجي اختيار کان تجاوز ڪيو، عدالت قانون جي تشريح ڪري سگهي ٿي پر قانون کي ٻيهر نٿي لکي سگهي. آرٽيڪل 254 جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ به لاڳو ٿي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ حاجي سيف الله ڪيس ۾ آرٽيڪل 254 کي وقت کان اڳ ئي استعمال ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي 11 رڪني لارجر بينچ جو فيصلو برقرار آهي، جنهن اڳ چونڊن ۾ 4 مهينا واڌ جي اجازت ڏني هئي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته اڃا تائين سڪيورٽي ۽ فنڊز فراهم نه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اليڪشن نه ٿيڻ سان قومي اسيمبلي جي چونڊ شفاف ٿيندي، بااختيار اليڪشن ڪميشن کي وقت جي ضرورت آهي. اليڪشن ڪميشن استدعا ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن بابت 4 اپريل تي ڏنل فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ چونڊون ڪرائڻ بابت آرٽيڪلز کي گڏائي پڙهيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ نظرثاني درخواست تي فيصلو اچڻ تائين پنهنجو فيصلو معطل ڪري، جيڪڏهن فيصلو معطل نه ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن کي ناقابل تلافي نقصان پهچندو. اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سان ملاقات ڪري نظرثاني درخواست کي هن هفتي شنوائي لاءِ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اهو تڪميل وارو معاملو آهي ان ڪري شنوائي جلد ڪئي وڃي. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس چوندن جي تاريخ تي نظرثاني جي درخواست تي اعتراض لڳائي ڇڏيو آهي. ذريعن مطابق رجسٽرار آفيس نظرثاني درخواست ۾ ڌرين جي اڻ مڪمل تعداد جي نشاندهي ڪري ڇڏي. رجسٽرار آفيس پاران اعتراض لڳايو ويو ته نظرثاني درخواست ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ محمود الرشيد جو نالو شامل نه آهي. رجسٽرار آفيس جي ذريعن مطابق ميان محمود الرشيد جو نالو ڌرين ۾ شامل هو، ان جو نالو شامل ٿيڻ ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button