سنڌ

بڊاڻي ۾ هٿياربندن نوجوان کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪري ڇڏيو

بخشاپور ويجهو بڊاڻي ۾ نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو، وارثن روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو. تفصيل موجب نوجوان شاھه ڏنو سولنگي پنھنجي ڳوٺ عبداللطيف سولنگي کان بڊاڻي شھر طرف اچي رھيو ھو ته مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي جي حد بچا بند وٽ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن کانئس موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ھٿياربند شاھه ڏني کي گوليون ھڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، نوجوان کي مياڻي پوليس ۽ علائقي واسين بڊاڻي جي خانگي اسپتال آندو جتي شاهه ڏني زخمن جا سور نه سھندي دم ڏئي ڇڏيو. نوجوان جو لاش ايمبولينس ذريعي مياڻي ٿاڻي تي آندو ويو جتان ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لا بخشاپور اسپتال نيو ويو، جتان سوين ماڻهن مقتول نوجوان جو لاش کڻائي بخشاپور انڊس ھا وي تي ٿلھو شاخ وٽ لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب سنڌ سميت چئني صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون. احتجاج ۾ شريڪ ثنا الله سولنگي، عبدالله سولنگي ۽ ٻين چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ بدامني جي باھه ڏينھون ڏينهن وڌندي پئٔي وڃي، ڦر ۽ اغوا جا واقعا وڌي رھيا آهن، اسان جي نوجوان شاھه ڏنو سولنگي کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي، جيستائٔين نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيندا تيستائين ڌرڻو جاري رھندو. بعد ۾ ڊي ايس پي محمد صادق اوڍي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ڳالهيون ڪري خاطري بعد روڊ کولرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button