سنڌ

جيڪب آباد ۾ 2 معصوم ڀائر مڇي جي تلا ۾ سئوٽ سميت ٻڏي فوت

جيڪب آباد ۾ ٻه معصوم ٻارڙا ۽ سندن سئوٽ مڇي جي تلا ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، جن جا لاش ڏسي گهر ۾ قيامت صغريٰ برپا ٿي وئي. تفصيل موجب جيڪب آباد ۾ صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ لشڪر ٽالاڻي ۾ 7 ورهين جو قدير، سندس 9 ورهين جو ڀا نصير گولاٽو ۽ سئوٽ ظهير گولاٽو مڇي جي تلاءُ ۾ راند ڪندي ڪندي ٻڏي ويا، اطلاع تي وارثن پهچي ٽنهي ٻارڙن کي تلاءُ مان ڪڍرائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن ٽنهي جي موت جي تصديق ڪئي، جنهن بعد اسپتال ۾ روڄ راڙو مچي ويو، ٽنهي معصوم ٻارڙن جا لاش گهر منتقل ڪيا ويا جتي ڪهرام مچي ويو ۽ ٽي لاش کڄڻ تي علائقي ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو آهي. فوتي ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ آهي ته قدير، نصير ۽ ظهير راند لاءِ نڪتا هئا ته مڇي جي تلاءُ ۾ ٻڏي ويا جن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيوسين پر حياتي بچي نه سگهي. ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته مڇي جي تلا ۾ ٻڏي فوت ٿيل ڀائر قدير ۽ نصير ڪراچي کان پنهنجي ماءُ سان ملڻ جيڪب آباد پهتا هئا، فوتي ٻارڙن جو پيءُ فوت ٿيڻ بعد سندن والده جيڪب آباد ۾ پوليس انسپيڪٽر عبدالله سان 4 سال اڳ شادي ڪئي هئي جنهن کانپوءِ معصوم ڀائر پنهنجي ماءُ سان اڪثر ملڻ ايندا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button