پاڪستانرانديون

پاڪستان جي ڪاميابين جي هيٽرڪ، ڪيويز کي 12 سالن بعد ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان ڪراچي ۾ به ڪاميابي جا جهنڊا کوڙي نيوزيلينڊ کي 12 سالن بعد ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏئي ڇڏي آهي، بابر اعظم اليون ٽئين دنگل ۾ ڪيويز کي 26 رنسن تان شڪست ڏني ۽ سيريز ۾ 0-3 جي واضح برتري حاصل ڪري ورتي، اڃا به 2 مئچون رهيل آهن، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 288 رنسن جي ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي 50 هين اوور ۾ 260 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، آل رائونڊر ميڪونڪي 45 بالن تي 63 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏيو پر سندس طوفاني ففٽي به ڪاميابي کي ممڪن بڻائي نه سگهي، ٽام بلنڊل 65، ٽام ليٿم 45 ۽ ول ينگ جون 33 رنسون به ضايع ٿي ويون. پاڪستان طرفان شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ محمد وسيم جونيئر 2- 2 وڪيٽون وٺي نمايان رهيا. ان کان اڳ پاڪستان ٽيم نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ نيوزيلينڊ خلاف مقرر 50 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن تي 287 اسڪور ڪيو. اوپنر امام الحق ۽ فخر زمان صرف 37 رنسن جي شروعات ڏياري سگهيا، جنهن بعد فخر 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٻي وڪيٽ تي ڪپتان بابر اعظم ۽ امام الحق شاندار بيٽنگ ڪندي 108 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، جنهن ۾ بابر اعظم جو 54 رنسن جو حصو هو. عبدالله شفيق 19 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، امام الحق 90 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي 192 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو. ٻين رانديگرن مان آغا سلمان 31، محمد رضوان 32 رنسون، شاداب خان 21 رنسون ۽ محمد نواز 11 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. واضح رهي ته پاڪستان آخري ڀيرو 2011ع ۾ نيوزيلينڊ کي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button