سنڌشوبز

سنڌي ڊرامن جي وراسٽائيل اداڪاره شبيران چنا لاڏاڻو ڪري وئي

سنڌي ڊرامن ۾ مزاح ۽ سنجيده اداڪاري ۾ منفرد انداز رکندڙ وراسٽائيل اداڪاره شبيران چنا روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ڪراچي جي ڊائو اسپتال ۾ علاج دوران لاڏاڻو ڪري وئي آهي. شبيران چنا جو 3 هفتا اڳ عيدالفطر واري ڏينهن نواب شاهه ڀرسان روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد آ سي يو ۾ ٽن هفتن کان سندس علاج هلي رهيو هو، روڊ حادثي سبب شبيران چنا جي بڪين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، تنهن ڪري اسپتال ۾ علاج دوران ڪيترائي ڀيرا سندس ڊائيلاسز پڻ ڪيو ويو هو. لاڏاڻي جي خبر پوڻ بعد سوڳوار فنڪار ۽ اداڪار وڏي انگ ۾ ڊائو اسپتال پهچي ويا، شبيران چنا سوين سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، جن مان “خيران” وارو ڪردار تمام گهڻو مقبول ٿيو. خاندان جي ذريعن موجب بلال ڪالوني ۾ اڄ شبيران چنا جي جنازي نماز ادا ڪري کيس مقامي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button