پاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ وڳوڙن دوران 600 ڪروڙن جو نقصان، پي ٽي آئي وارن رٿابندي تحت حملا ڪيا:نگران وڏو وزير

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي وڳوڙِن پاران ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون لڳائڻ سان نقصان جو 600 ڪروڙ رپيا شروعاتي ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن ٻڌايو ته رڳو ٻه ميٽرو اسٽيشن جي ٻيهر اڏاوت تي هڪ ارب رپيا خرچ ايندو. هن چيو ته 600 ڪروڙ رپيا نقصان جو شروعاتي ڪاٿو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته فوجي ۽ سرڪاري ملڪيتن تي حملو اڳواٽ رٿابندي جو نتيجو هو، تحريڪ انصاف وارن انهن ئي عمارتن کي نشانو بڻايو آهي، جيڪي ٽي ٽي پي جو ٽارگيٽ رهيون آهن، اڳواٽ طئي ڪيل هو ته ڪٿي ڪٿي حملو ڪرڻو آهي، سڀني ڪيسن کي انجام تائين پهچايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button