پاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ تي 3 هزار شرپسند گرفتار، ڪور ڪمانڊر جي وردي کڻي ويندڙ به سوگها

پنجاب ۾ سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث 3 هزار کان وڌيڪ شرپسندن کي وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڏنل الٽيميٽم بعد ترت ڪاروائي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪور ڪمانڊر لاهور جي رهائشگاهه (جناح هائوس) ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون لڳائڻ ۾ ملوث 340 وڳوڙي پڻ جهلجي پيا آهن. پنجاب پوليس مطابق سرڪاري ۽ خانگي ادارن تي حملن، ڀڃ ڊاهه، تشدد ۽ باهيون لڳائڻ تي گرفتار وڳوڙين جو انگ 3185 ٿي ويو آهي، جناح هائوس تي حملو ڪندڙ وڳوڙين جي سڃاڻپ تصويرن، وڊيوز ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽن ذريعي ڪئي وئي، سي سي ٽي وي ۽ موبائيل وڊيوز جي مدد سان وڌيڪ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي پنجاب پوليس طرفان سرڪاري ۽ خانگي ادارن تي حملن، ڀڃ ڊاهه تشدد ۽ باهيون لڳائڻ ۾ ملوث گرفتار وڳوڙين جو انگ 3185 ٿي ويو آهي وڳوڙين جي ڪارواين ۾ سڄي صوبي اندر 152 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار سخت زخمي ٿيا، پنجاب پوليس جي استعمال هيٺ رهندڙ 94 گاڏين کي ڀڃي ۽ باهه ڏئي نقصان پهچايو ويو. ٻئي طرف جناح هائوس تي حملي دوران ڪور ڪمانڊر جي وردي کڻي ويندڙ جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جي ذريعن موجب گرفتار جوابدار حملي دوران ڪور ڪمانڊر جي وردي پائي ورتي هئي. گرفتار جوابدار کي وڌيڪ پڇا ڳاڇا لا نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button