اسلام آبادپاڪستان

جي ايڇ ڪيو گيٽ تي عورتن به ڀڃ ڊاهه ڪئي، 14 شرپسندن جي سڃاڻپ

راولپنڊي پوليس تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جي گيٽ تي حملو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن جي سڃاڻپ وارو عمل مڪمل ڪري سندن تصويرون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب 9 مئي جي مظاهرن ۾ شامل 4 عورتن سميت 14 ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، جن مان 9 جو تعلق راولپنڊي، 3 اسلام آباد، هڪ ڪراچي ۽ هڪ جو چڪوال سان تعلق آهي. ذريعن موجب جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪندڙ شرپسندن ۾ راولپنڊي واسي افشان ڪامران، فاطما احسان، شبانا فياض، زاهد علي شاهه گيلاني، ڪاشف خان، محمد عثمان قريشي، پيرزادا شهباز ناصر، حماد خان، اسلام آباد واسي عابد ملڪ، جهانگير احمد، ابوبڪر احمد، ڪراچي سان تعلق رکندڙ عاصم خورشيد، چڪوال واسڻ منيزا احمد، ڪوهه مري واسي جاويد ۽ ٻيا شامل آهن. تشدد تي ٻڌل مظاهرن ۾ شريڪ مجموعي طور 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل ٿي چڪو آهي، گڏوگڏ حڪومتي ۽ دفاعي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي گرفتارين جو عمل به تيز ڪيو ويو آهي. راولپنڊي جي سٽي پوليس آفيسر (سي پي او) خالد همداني چيو آهي ته جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) تي حملي ۾ ملوث 76 ڄڻن کي گرفتار ڪري انهن خلاف 17 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، وڊيوز ۾ نظر ايندڙ اڪثر ماڻهو حراست ۾ ورتا ويا آهن ۽ اهي ثبوت عدالتن ۾ به قبولڻ جوڳا هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button