اسلام آبادپاڪستان

بحرانن جو ذميوار عمران،اڄ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪنداسين:پيپلز پارٽي

اسلام آباد : پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته پيپلز پارٽي احتجاجي ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي، ملڪ ۾ موجوده بحرانن جو ذميوار عمران خان آهي. ڪالهه هتي پارٽي جي مرڪزي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نيئر حسين بخاري چيو ته پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ ۽ شيڊيول تائين جاري ڪيو ويو، پر خيبر پختونخوا ۾ ان حوالي سان ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو. هن چيو ته عدالت مان سياسي جماعتن جي گذارش باوجود پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊن جي حوالي سان ڪيس جي شنوائي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ فل بئنچ نه بڻايو ويو. ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هئڻ گهرجي، نيئر حسين بخاري چيو ته پيپلز پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته پارٽي جي قيادت ۽ ورڪرز ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام جو ذميوار عمران خان آهي، پيپلز پارٽي ان فورمن سان گڏ يڪجهتي جو اظهار ڪندي جيڪي اهو سمجهن ٿا ته ملڪ جي موجوده حالتن جو ذميوار عمران خان آهي، چاهي اهي سياسي يا معاشي عدم استحڪام آهي، ان جي ذميواري عمران خان تي آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اڄ ملڪ کي ميثاق استحڪام جي ضرورت آهي. مبينا آڊيو ليڪس سان پي ٽي آءِ جو چهرو عوام آڏو اچي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو هر ڪارڪن پرامن احتجاج ۾ شرڪت ڪندو. هنن چيو ته عدليا ڪيترائي تڪراري فيصلا ڏنا جن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو. فيصلن تي عمل ان وقت ٿيندو آهي جڏهن فيصلا تڪراري نه هجن. هن موقعي تي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ملڪ کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته ڇا سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ تي عدالت پاڻمرادو نوٽيس وٺندي؟ ملڪ جي ادارن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button