اسلام آبادپاڪستان

عمران حملا ڪرايا،پارٽي جو نالو پاڪستان تحريڪ دهشتگردي رکي:وفاقي حڪومت

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان کي ڏوهه جو اعتراف قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان بار بار چيو ته آئون گرفتار ٿيس ته حملا ڪجو، هن سوچيل سمجهيل منصوبابندي سان حملا ڪرايا. عمران خان کي هٿياربند جٿن جي حملن، دهشتگردي، وڳوڙن جي بلڪل اهڙي نوعيت جي خبر نه هئي جهڙي ريت کيس عدت ۾ شادي ۽ ٽيريان جي والد هئڻ جي خبر نه هئي. حساس ٺڪاڻن، عمارتن، ايمبولينسن، اسڪولن، اسپتالن، مسجدن، چوپائي مال جي منڊين تي حملي ۽ شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي عمران خان جي منصوبابندي سان ٿي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان بار بار چيو ته آئون گرفتار ٿيس ته حملا ڪجو، هن سوچيل سمجهيل منصوبابندي سان حملا ڪرايا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو دهشتگرد ئي ملڪ تي حملي آور ٿيو جنهن جو هي ماسٽر مائينڊ آهي. هن چيو ته عمران خان چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بار بار ان لاءِ نالو وٺي رهيو آهي جو هو فارن ايجنٽ سان بند ڪمري ۾ ملي نه رهيو آهي. ايوان صدر ۾ ڪا به ڳجهي ملاقات نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته منهنجي گهڙي منهنجي مرضي ناهي، هن قوم جا 60 ارب رپيا چوري ڪيا. هاڻي سندس مرضي نه هلندي. هن چيو ته برطانيا مان 190 ملين سپريم ڪورٽ ۾ ڇو جمع ڪرايا؟ عمران خان ۽ ان جي گهر واري القادر ٽرسٽ جا ترتيب وار 458 ڪينال ۽ 254 ڪينال زمين هڙپ ڪئي. هن چيو ته فارن فنڊنگ وانگر فارن ايجنٽ ۽ ان جي ايجنڊا به پوري طرح بي نقاب ٿي چڪي آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان ڊي جي آءِ ايس پي آر کي مشورو ڏيڻ کان اڳ پنهنجي پارٽي جو نالو پاڪستان تحريڪ دهشتگردي رکي. هن چيو ته فارن ايجنٽ جي ملڪ دشمني کلي سامهون اچي وئي آهي، ان جي ملڪ دشمني دهشتگردي ۽ هٿياربند جٿا بي نقاب ٿي چڪا آهن. ايمبولينس، اسڪول، اسپتال، مسجد، ميٽرو بس، موٽڙ ويز ۽ قومي اثاثن تي حملي آور صرف دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن ئي هوندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button