اسلام آبادپاڪستان

ميثاق جمهوريت تي عمل ڪري غير جمهوري سوچ کي شڪست ڏيڻي پوندي:بلاول

اسلام آباد : پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 14 مئي پاڪستان ۽ جمهوريت جو تاريخي ڏينهن آهي، انهي ڏينهن مقبول ترين سياسي اڳواڻ شهيد بينظير ڀٽو ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف 2006ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحي ڪئي هئي. پاڪستان پيپلز پارٽي ميڊيا آفيس مان جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيوته ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ سان ملڪ جو وقار بلند ۽ جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي. هن چيو ته آصف علي زرداري صدر طور ان وقت پنهنجي سڀني اختيارن کي آئيني ترميمن ذريعي پارليامينٽ حوالي ڪيو هو. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم وفاق ۽ سڀني وفاقي وحدتن وچ ۾ معاهدو آهي. هن چيو ته قانون ۽ آئين بڻائڻ جو اختيار صرف پارليامينٽ کي آهي. رياست جي باقي ادارن جو فرض آهي ته اهي پارليامينٽ جي منظور ڪيل قانونن تي عمل ڪن. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ پارٽي جي ڪارڪنن جي عظيم قربانين سبب 1973ع جو آئين اصل صورت ۾ بحال ٿيو. جيڪو جمهوريت سان نفرت ۽ مخالفت ڪندڙن جي شڪست هئي. هن چيو ته ميثاق جمهوريت تي سختي ۽ ثابت قدمي سان عمل ڪري غير جمهوري سوچ کي شڪست ڏيڻي پوندي. هن چيو ته پارليامينٽ سپريم آهي ۽ سڀني کي ان جو احترام ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button