اسلام آبادپاڪستان

پي ڊي ايم حڪومت کي جواب ڏئي ڇڏيو،اڄ ڌرڻو سپريم ڪورٽ اڳيان ئي لڳندو::فضل الرحمان

اسلام آباد : پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) اڄ عدالتي رويي خلاف سُپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو هڻندي. مولانا فضل الرحمان حڪومت طرفان ريڊ زون کان ٻاهر احتجاج ڪرڻ جي اپيل کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان اعلان ڪري چڪا آهيون، فيصلو هاڻي عوام جي عدالت ۾ ٿيندو، سموري مُلڪ کان قافلا اسلام آباد ڏانهن روانا ٿي چڪا آهن، ڌرڻو سپريم ڪورٽ جي اڳيان ئي لڳندو. ان ڏس ۾ ڪالهه سُپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي واري معاملي تي وفاقي وزيرن پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري کيس سُپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو نه هڻڻ جي اپيل ڪئي. ان ڏس ۾ اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ به مُلڪ ۾ حالتون خراب ٿيون تنهنڪري وفاقي سرڪار چاهي ٿي ته پي ڊي ايم، ڊي چوڪ تي احتجاج ڪري. گهرو وزير راڻا ثناء الله چيو آهي ته پي ڊي ايم جي احتجاج ۾ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندو، پرامن احتجاج کي ريڊ زون مان ٻاهر منتقل ٿيڻ گهرجي، تمام وڏي احتجاج کي قابو ڪرڻ مشڪل هوندو. پي ڊي ايم احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي، پر ڳجهن ادارن جون خبرون پريشان ڪندڙ آهن. وزيراعظم شهباز شريف کي ان حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ ان جي هدايتن تي مان ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي ۽ ان کي درخواست ڪئي ته ماڻهن جي وڏي انگ جي پرامن احتجاج ۾ شرڪت جي اميد آهي، ان ڪري احتجاج کي ريڊ زون مان ٻاهر منتقل ڪيو وڃي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي پي ڊي ايم جي سربراهه طور ڪيل پرامن احتجاج جي فيصلي تي اسان ان سان گڏ آهيون. هوڏانهن وفاقي وزيرن جي اپيل تي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اعلان ڪري چڪا آهيون، فيصلو هاڻي عوام جي عدالت ۾ ٿيندو، سموري مُلڪ کان قافلا اسلام آباد ڏانهن روانا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ڪارڪن پُرامن آهن ۽ پرُ امن احتجاج ٿيندو. مولانا فضل الرحمان وزيرن جي درخواست رد ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان جا ڪارڪن هڪ ٻوٽو به نه ٽوڙيندا، اسان پرامن ماڻهو آهيون، عوام اڄ ٻاهر نڪرندو ۽ فيصلو هاڻي عوام جي عدالت ۾ ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button