پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ پرڻيل ڇوڪري جي زهر پي آپگهات ڪوشش

مٺي: مٺي تعلقي جي ڳوٺ عالم سر ۾ 25 ورهين جي نوجوان ناري نيامت زال گومون ڀيل زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ وارثن مٺي سول اسپتال پهچايو، جتان طبيعت ۾ سڌارو نه اچڻ ڪري ڊاڪٽرن کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو. خودڪشي جي ڪوشش جو اصل ڪارڻ سامهون اچي نه سگهيو آھي. علائقي ۾ چوٻول آھن ته ناري گهريلو اڻبڻت ۽ گهريلو پريشانين سبب زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آھي، ناري هوش ۾ ايندي ته سندس ئي زباني واقعي جو ڪارڻ سامهون اچي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button