پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ مڪاني نمائندن کي اختيار ڏيڻ ۾ دير، پيپلز پارٽي جا اليڪشن ڪميشن خلاف مظاهرا

سنڌ ۾ مقامي نمائندن کي اختيار ڏيڻ ۾ دير ۽ وڌيڪ مدي وارو شيڊيول ڏيڻ تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن. حيدرآباد ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف ضلعي ڪائونسل سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ضلعي صدر صغير قريشي، احسان ابڙو، پاشا قاضي ۽ ٻين ڪئي. دادو ۾ پ پ پ سٽي صدر خالد ميراڻي، رفيق ميراڻي ۽ ٻين جمالي هائوس کان مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ٺٽي ۾ مڪاني کاتي جي مخصوص سيٽن تي چونڊ عمل ۾ دير ڪرڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب اڳيان ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. پ پ پ ٿرپارڪر پاران ڪارڪنن ضلعي انفارميشن سيڪريٽري نندلال مالهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري اعجاز لغاري، اطلاعات سيڪريٽري عمران حسن جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، قمبر ۽ شڪارپور ۾ به مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جنهن جي اڳواڻي قمر الدين گوپانگ، غلام محمد اسراڻ، مير عابد ڀيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن کي اختيار ڏئي بااختيار بڻائڻ بدارن دير وارا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. تازو اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن بابت شيڊول جي مدت هڪ مهينو رکي چونڊيل نمائندن کي عوامي خدمت کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ڪري رڳو مخصوص سيٽن تي چونڊون ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو مدو وڌيڪ رکڻ سازش سمجهون ٿا، مڪاني اميدوارن کي ذميواريون ڏيڻ ۾ دير ڪرڻ نا انصافي آهي، اليڪشن ڪميشن جي داداگيري ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن فيصلو واپس نه ورتو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button