سنڌ

تيل جا اگهه گهٽيا آهن،گاڏين جا ڀاڙا گهٽايا وڃن:سنڌ اسيمبلي

سنڌ اسيمبلي ۾ گهر ڪئي وئي آهي ته تيل اسمن جي اگهن ۾ لاٿ کان پوءِ ٽرانسپورٽ ڪرائي ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ڀاڙا گهٽائڻ لاءِ ٽرانسپورٽرز کي خط اماڻيا ويا آهن، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻنداسين. سنڌ اسيمبلي ۾ جمعي تي متحده قومي موومينٽ جي رعنا انصار ايوان جو ڌيان ڇڪائيندي چيو ته ماڻهو مهانگائي ۾ عذاب هيٺ آهن، پيٽرول جو اگهه گهٽجڻ جي باوجود ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا گهٽ نه پيا ٿين، مهانگائي لڳاتار وڌي رهي آهي، ٽرانسپورٽرز پيٽرول وڌڻ تي ڀاڙا وڌايا هئا پر هاڻي پيٽرول گهٽ ٿيو آهي پر ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا گهٽ ناهن ٿيا. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايوان کي ٻڌايو ته اسان عيد جي وقت به ڀاڙا چيڪ ڪيا هئا ۽ اسان ٽرانسپورٽرز کان وڌيڪ وصول ڪيل ڀاڙا واپس مسافرن کي وٺي ڏنا هئا، ڀاڙا گهٽائڻ لاءِ سموري ٽرانسپورٽ ايسوسيئيسن کي خط لکيا آهن ته ڀاڙا گهٽايا وڃن. هن چيو ته پيپلز بس سروس جي آپريٽر کي کي چيو هو ته پيٽرول 150 هو ته 50 رپيا رکڻو آهي، پر پيٽرول وڌڻ تي سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو هو ته پيپلز بس جي ڀاڙي ۾ هڪ رپيو به نه وڌندو، جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي. اهو سبسڊي طور برداشت ڪري رهيا آهيون. ايم ڪيو ايم جي علي خورشيد توجهه ڏياريو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته اورنج لائن بس کي گرين لائن سان اڃا تائين انٽر ڪنيڪشن ناهي ڪيو ويو ۽ اورنج لائن جتان شروع ٿي رهي آهي، اها اورنگي ٽائون جي شروعات آهي، هاڻي به 5 کان 6 ماڻهو مسافر هوندا آهن، شٽل سروس اورنگي ٽائون جي عوام کي ڏني وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گرين لاءِ وفاق جو پروجيڪٽ آهي، اورنج لائن سنڌ حڪومت جو پروجيڪٽ آهي، ايس آئي ڊي ايل وفاق جو ادارو آهي ٽن سالن کان پوءِ گرين لائن سنڌ حڪومت جي حوالي ٿيڻو آهي، اسان وزيراعطم کي چيو آهي ته اسان کي هاڻي حوالي ڪيو پر اڃا تائين اڳڀرائي ناهي ٿي، اسان وٽ ايڪسٽرا بسون موجود آهن، جيئن ئي ايس آئي ڊي سي ايل ملي ويندي، اسان انٽر ڪنيڪشن ڪري ڇڏينداسين. سنڌ اسيمبلي ۾ جمعي تي سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس بل ايوان ۾ آندو ويو، جنهن کي وڌيڪ غور لاءِ اسپيڪر اسٽيڊنگ ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو ۽ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button