ٿر ڪول ايريا بلاڪ 2 جي پورهيت دودو ڀيل قتل ڪيس جي فريادي مقتول جي ڀا جوابدارن سان اندروني ٺاهه ڪري ڇڏيو، سنڌ ها ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ جوابدارن ڪاشف ڪمانڊو ۽ حذيفه ملڪ جي ضمانت واري درخواست جي شنوائي دوران فريادي مقتول جي ڀا عالم ڀيل راضي نامي جي آگاهي ڏيندي نو آبجيڪشن جو بيان ڏيئي ڇڏيو، عدالت طرفان راضي نامي جي هيٺين لاڳاپيل عدالت ۾ درخواست ڏيڻ جي هدايت بعد .دودو ڀيل جي ڀا جوابدارن ضمانت واري درخواست تان هٿ کڻي ڇڏيو، دودو ڀيل جي وارثن سان هڪ ڪروڙ روپين ۽ 7 نوڪرين عيوض ڊيل جا چوٻول آهن. عالم ڀيل جوابدارن سان ٺاهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڳالهيون آخري مرحلي ۾ هلي رهيون اهن..
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close