باهو کوسو ٿاڻي جي حد مگسي ڦاٽڪ ويجهو ڳوٺ ھزار خان لاشاري جو رهواسي اغوا ٿيل واپاري ذاڪر حسين لاشاري پوليس ۽ سياسي پريشر سبب 62 ڏينهن کانپو آزادي ماڻي ورتي. جڏهن ته وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇانئنجي وئي. نوجوان جي چاچي مزاري خان لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان شڪر گذار آھيون ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ايس ايڇ او محمد پناهه بروهي جا جن ڌاڙيلن مٿان ايترو دٻا وڌو جو اهي نوجوان کي بازياب ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close