سنڌ

ننگر پارڪر ۾ ڳوٺاڻن جو ڊيمن جي غلط اڏاوت خلاف ڌرڻو

ننگرپارڪر ۾ 20 ارب روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ ٺهندڙ 20 ڊيمن خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا. اُن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪرشن شرما، ارشاد ڪنڀر، ڪارونجهر سجاڳ فورم جي الهرکيو کوسو، ذوالفقار کوسو، رميش ڪارونجهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ روپلو ڪولهي يادگار کان ريلي ڪڍي ويئي، جيڪا مختلف چوڪن تان ٿيندي بس اسٽينڊ پهتي، جتي احتجاج مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ روڊ بلاڪ ٿي ويو. اُنهي کانپوءِ احتجاج ڪندڙن ريلي جي صورت ۾ سمال ڊيم جي آفيس پهچي آفيس جو گهيراءُ ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ پنهنجا اعتراض جمع ڪرايا، احتجاج ڪندڙن ڪرشن شرما، الهرکيو کوسو،ذوالفقار کوسو ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته هتي اربين روپين جا ڊيم غلط پلاننگ جي ٺاهي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪارونجهر جي پٿر سميت ريتي، بجري ۽ ڪريش جي استعمال تي پابندي مڙهيل آهي پر اُنهي باوجود ڊيمن جي ڪم ۾ غيرمعياري مٽيريل استعمال ڪري ڪروڙين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ٺهندڙ ڊيم مضبوطي بدران تباهه ٿي رهيا آهن، ڪير پڇڻ وارو ناهي، اڳ ۾ جيڪي ڊيم ٺاهيا ويا، اُهي به ڊيمن جي قبرستان ۾ تبديل ٿي ويا آهن،تازو ٺهندڙ به سمورا ڊيم غلط هنڌن تي ٺاهيا پيا وڃن، رهواسين جا اعتراض نٿا ٻُڌا وڃن. اسان مطالبو ڪيون ٿا ته ڊيم ڀلين ٺاهيو،ڊيمن مان اسان کي فائدو ٿيندو،پر ڊيمن جي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل جو نوٽيس ورتو وڃي، ڊيمن لا مقرر ڪيل غلط هنڌ تبديل ڪيا وڃن، عوام سان رابطن ۾ اچي اُنهن جا سمورا خدشا دُور ڪيا وڃن، اسان ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين تي خاموش نه ويهنداسين، احتجاج جي دائري کي وڌائي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button