سنڌ

ڊکڻ ويجهو رڪشا جي چين ۾ لوئي ڦاسڻ ڪري پورهيت فوت

ڊکڻ ويجهو ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ جو رهواسي پورهيت محمد مٺل چنا رڪشا ۾ لوئي ڦاسڻ ڪري وچڙي فوت ٿي ويو. ڊکڻ ويجهو ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ واسي 50 ورهين جو پورهيت محمد مٺل چنو سارين جي لاباري لاءِ چنگچي رڪشا تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ چنگچي رڪشا جي چين ۾ لوئي ڦاسڻ سبب وچڙي فوت ٿي ويو. پورهيت جو مڙهه گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي پيرسن جي وارثن ٻڌايو ته پورهيت سارين جي لاباري جي مزدورن جو اڳواڻ هو، پيٽ گذر لاءِ گڏجي لاباري تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ رڪشا جي چين ۾ لوئي ڦاسڻ سبب وچڙي فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button