سنڌ

گهر ۾ بک ۽ بيماري، ٽنڊو غلام حيدر واسي پورهيت ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان بس اسٽاپ ڊوڪيا واھه موري ويجهو 4 ٻارڙن جي پي پورهيت ڀورو ڪولهي مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. وارثن موجب 40 ورهين جي ڀورو ڪولهي جي زال ڪافي وقت کان بيمار هئي جنهن جو علاج ڪرائڻ لا ھو سخت پريشان هو ۽ مجبور ٿي هن انتهائي قدم کڻندي خودڪشي ڪئي آهي. واقعي جو اطلاع حد جي پوليس ٿاڻي تي ڏنو ويو، جنهن بعد ضروري ڪاروائي ڪري پورهيت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڀورو ڪولهي جو لاش گهر پهچندي ئي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button