سنڌ

رسول بخش پليجو جي ورسي، صحافين ۽ قلمڪارن کي شرڪت لا دعوتون

سنڌي گرلز اسٽوڊنٽ تحريڪ طرفان عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو جي 7 جون تي پنجين ورسي تي کيس ثقافتي رنگن سان ڀيٽا پيش ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون، ايس جي ايس ٽي جي ڀينرن ورسي جي موقعي تي قومي ۽ انقلابي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪرڻ لاءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين قاسم آباد ۾ ريهرسل شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي گڏجي نور محمد بجير سان ملاقات ڪئي ۽ کيس 7 جون تي ڳوٺ منگر خان پليجو جنگشاهي ۾ رسول بخش پليجو جي ورسي تي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ٻئي طرف عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سميع ابڙي سينيئر صحافين شبير نظاماڻي، جنيد خانزادا، اختر حفيظ، حامد شيخ ۽ ٻين قلمڪارن کي ورسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button