سنڌ

عمران خان جو هاڻي ڪو به مستقبل نظر نٿو اچي: سيد قاسم نويد قمر

ٽنڊي محمد خان ۾ مستحق غريب عورتن ۾ مالي سهائتا لاءِ سنڌ سرڪار جي تعاون سان سنڌ مائيڪرو فنانس بنا وياج روزگار واري اسڪيم تحت اٽڪل 30 چيڪ ورهايا ويا. ان موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي وڏي وزير جي انويسٽمينٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت حقدار عورتن جي مالي سهائتا لاءِ هر ممڪن اپا وٺي رهي آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ مائيڪرو فنانس مستحق عورتن ۾ 50 هزار کان هڪ لک رپين تائين جا ننڍا قرض ڏيڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن مان مستحق عورتن جي مالي سهائتا ۽ روزگار جو موقعو فراهم ٿيندو، اهو عمل سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ شروع ڪيو ويندو. مائيڪرو فنانس سنڌ جي صدر شعيب عارف چيو ته سنڌ جي پٺتي پيل ٻهراڙي جي علائقن جي غريب مسڪين عورتن کي ترجيحي بنيادن تي بنا ڪنهن مذهبي فرق جي عورتن کي ننڍي روزگار لاءِ بنا وياج رقم جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي، جيڪو هڪ انقلابي قدم آهي. ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ياسر ڀٽي چيو ته عورتن کي ننڍا قرض ڏيڻ معاشري لاءِ بهتر قدم ثابت ٿيندو. ٻئي طرف قاسم نويد قمر بعد ۾ ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪري پريس ڪلب کي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل طرفان سالياني بجيٽ جو چيڪ ڏنو ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي سياست ۾ ڪو به بحران پيدا نه ٿيو آهي، عمران خان جي سياست هاڻي دهشتگردي ۾ تبديل ٿي ملڪي سالميت لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري عمران خان جو هاڻي ڪو به مستقبل نظر نٿو اچي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان کي عوام ڪنهن به صورت ۾ چونڊ مرحلي دوران ڪنهن به هڪ سيٽ تي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button