سنڌ

قبيلائي تڪرارن ۾ ملوث دھشتگرد حڪومت جا پيدا ڪيل آھن: جامي چانڊيو

رواداري تحريڪ سنڌ طرفان “سنڌ ۾ قبائلي تڪرار؛ سبب ۽ سدباب” جي عنوان ھيٺ حيدرآباد جي اسپورٽس ھال ۾ فڪري ويھڪ ڪئي منعقد ڪئي وئي، ويھڪ ۾ سياسي ۽ قومپرست جماعتن جي اڳواڻن سميت اديبن،، ليکڪن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نامياري ليکڪ ۽ دانشور جامي چانڊيو ڳالھائيندي چيو ته قبائلي تڪرار رڳو تڪرار نھ پر کلي دھشتگردي آھي، جيڪا سنڌ مٿان مڙھي وئي آهي. ھن چيو تھ 21 ھين صديءَ ۾ جتي قبيلائي تڪرار موجود ھجن اھا رياست ناڪام رياست سمجھي ويندي آھي، دنيا ۾ قبيلائي نظام ھاڻي ماضيءَ جو قصو بڻجي ويو آھي، قبيلائي نظام پنھنجي جوھر ۾ سماج خلاف آھي، جنھن کي زوري ھتي زنده رکيو ويو آھي. ھن چيو تھ سنڌ ھڪ وطن ۽ سنڌي ھڪ قوم آھن ۽ سنڌي سماج جي ھڪ تاريخي سڃاڻپ رھي آھي ته ڪمزورين جي باوجود سنڌي ماڻھو عدم تشدد واري واٽ تي ھليو آھي، سنڌين ڪڏھن به ڪنھن تي حملو نه ڪيو آھي. ھن چيو تھ سنڌ جا ھن وقت پنج ضلعا قبيلائي نظام ۾ ٻري رھيا آھن، ھي قبيلائي تڪرار ڪرائيندڙ ۽ ڪندڙ دھشتگرد حڪومت جا پيدا ڪيل آھن، قبيلائي سردار بھادر ھجن ھا ته ايم ڪيو ايم ۽ طالبانن جي اڳيان اچن ھا، پر ھي تھ اڳڙين جا گڏا آھن، قبيلائي نظام ھڪ وڏو فراڊ ۽ دوکو آھي، جنرل ايوب، ضياءَ ۽ مشرف آمر ھئا، پر انھن قبيلائي سردارن انھن آمرن جو ساٿ ڏنو، جڳاڙي اسمبلي ميمبر صرف ھنن سردارن ميمبر ٺاھيا، مشرف ضلعي نظام جي نالي ۾ ضلعي جاگيرون ٺاھي ڏنيون، قبيلائي تڪرار ڪرائيندڙ سردار وطن فروش ھئا، ھن وقت به خاندانن جي بنياد تحت سيٽون ورھايون پيون وڃن، اسان جي ماڻھن جو جيئڻ حرام ڪيو ويو آهي. ھن چيو تھ قبيلائي سردار سنڌ جا نمائندا نه آھن. رواداري تحريڪ جي اڳواڻ سامسن سلامت چيو ته قبيلائي دھشتگردي جي ڪري اجمل ساوند قتل ڪيو ويو، سرڪار ۽ رياستي ادارن لاءِ قبيلائي نظام وڏو اشو ھجڻ گھرجي، قبيلائي علائقن جي ماڻھن جا انساني حق سلب ٿيل آھن. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ عمرا سمون چيو ته سنڌ ۾ سياسي شعور کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌاڙيل ڪلچر ۽ وڏيرا شاھي وارو ڪلچر قائم ڪيو ويو آهي، ھي جاھل نه پر رھزن آھن، ان ڪلچر کي ھٿي ڏيندڙ پيپلزپارٽي، عدليا ۽ بيورو ڪريسي آھي. فڪري ويهڪ کي علامھ مسعود جمال، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ الطاف خاصخيلي، وڪيل فياض علي تنيو، سماجي اڳواڻ مصطفيٰ بلوچ، محب علي راڄپر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button